پاڪستان جي  آبادي 40 ڪروڙ تائين پهچڻ جو امڪان

پاڪستان جي آبادي 40 ڪروڙ تائين پهچڻ جو امڪان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان آبادي جي حوالي سان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته ماهرين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آبادي ۾ اضافي جي موجوده رفتار برقرار رهي ته 2050 تائين ملڪ جي آبادي 50 ڪروڙ تائين پهچي سگهي ٿي.انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ آبادي جي سالياني شرح 2.5 سيڪڙو آهي، جڏهن ته هڪ ماءُ جي ويم جي شرح 3.6 سيڪڙو، ماهرن جو چوڻ آهي ته وڌندڙ آبادي سبب تعليم، صحت، روزگار ۽ ٻين بنيادي سهولتن تي دٻاءُ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته آبادي ۾ اضافي جي شرح کي 1.2 سيڪڙو ۽ پيدائش جي شرح کي 2 کان گهٽ ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته هر سال تقريبن 11 هزار مائرون حمل يا ويم دوران فوت ٿي وينديون آهن جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته حمل ضايع ڪرڻ وارين دوائن تي لڳايل ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي گهٽ قيمت تي عوام کي ملي سگهن.مصطفيٰ ڪمال اين ايف سي ايوارڊ جي موجوده فارمولي تي به سوال اٿاريندي چيو ته اين ايف سي ورهاست ڪرڻ جو فارمولو آبادي جي شرح تي رکيو ويو آهي هاڻ 82 سيڪڙو جي بنياد تي ڪيو ويو آهي ته ڪهڙو صوبو پنهنجي آبادي گهٽ ڪري پنهنجا پئسا گهٽ ڪندو.رپورٽ موجب ملڪ جي تقريبن اڌ آبادي معياري طبي سهوليتن کان محروم آهي، 16 سيڪڙو ماڻهن کي مناسب خوراڪ ميسر ناهي، جڏهن ته اڍائي ڪروڙ ٻار هن وقت به اسڪول کان ٻاهر آهن. ماهرين موجب جيڪڏهن آبادي ۾ اضافو انهي رفتار سان جاري رهيو ته 2050 تائين ملڪ کي 60 هزار نوان اسڪول، 6 لک 79 هزار استادن، تقريبن ساڍا 6 ڪروڙ نيون نوڪريون ۽ 2 لک کان وڌيڪ اضافي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ضرورت هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو