پاڪستان جو ايٽمي پروگرام ڪنهن ملڪ لاءِ خطرو نه آهي: نواز شريف

پاڪستان جو ايٽمي پروگرام ڪنهن ملڪ لاءِ خطرو نه آهي: نواز شريف

لنڊن: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پاڪستان جي ايٽمي پروگرام بابت آمريڪي صدر جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ نوازشريف چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست آهي ۽ پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ جي پوري صلاحيت رکي ٿو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي قانون جي پاسداري ڪندو آهي، سندس ايٽمي پروگرام ڪنهن ملڪ لاءِ به خطرو نه آهي.نوازشريف چيو ته آزاد رياستن جيان پاڪستان پنهنجي خودمختاري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جو حق رکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو