پاڪستان جمهوريت کان پري ٿي رهيو آهي، بلاول

پاڪستان جمهوريت کان پري ٿي رهيو آهي، بلاول

لاھور (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ عمران خان جي حڪومت ۾ پاڪستان جمهوريت کان پري ٿي رهيو آهي، پارليامينٽ هن وقت بدترين دور مان گذري رهي آهي، عوام جي خواهشن پٽاندڙ ڪم نٿي ڪري. لاهور بار جي تقريب کي خطاب دوران هن وڌيڪ چيو ته رياست ماءُ هوندي آهي، قانون رياست ۽ عوام وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪندو آهي، پيپلز پارٽي عوام ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ويڙهه جاري رکندي. ھن چيو تھ پارليامينٽ بدترين دور مان گذري رهي آهي، سليڪٽڊ سبب پاڪستان جمهوريت کان پري ٿي ويو، قانون بنا ڪا به رياست قائم نه ٿي سگهي ٿي، قانون رياست ۽ عوام جي وچ ۾ پل آهي، ملڪ ۾ قانون جي بالادستي لازمي آهي، لاهور قانون بنا جمهوريت ممڪن ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ منهنجي والدين تي ڪوڙا ڪيس مڙهيا ويا، عدالتن منهنجي والدين کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، شهيد ذوالفقار ڀٽو ملڪ کي آئين ۽ جمهوريت ڏني، شهيد ذوالفقار ڀٽو جو جڊيشل قتل ڪيو ويو پر هن جو ڪيس نٿو هلايو وڃي، ڇو؟

پهنجو تبصرو موڪليو