پاڪستان جلد پنهنجي پيرن تي بيهجي ويندو: وزيراعظم

پاڪستان جلد پنهنجي پيرن تي بيهجي ويندو: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو.اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم شهباز شريف بينظير انڪم اسپورٽس پروگرام تحت سوشل سيڪيورٽي اڪائونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.سندس چوڻ آهي ته هن سال بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڪيتريون ئي بهتريون ڪيون ويون آهن، هي پروگرام هڪ جاري خيراتي پروگرام آهي.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عوامي ڀلائي واري منصوبي جو خواب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڏٺو هو، آصف زرداري ۽ سندس ٽيم محترمه بينظير ڀٽو جو خواب پورو ڪيو.هن اهو به چيو ته ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، موجوده حڪومت ٻوڏ جي تباهيءَ کي منهن ڏئي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو