پاڪستان جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي بينڪ هيومن ڪيپيٽل ري ويو ريسرچ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.وقتي ڪنٽري ڊائريڪٽر ورلڊ بينڪ موجب پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 30 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ۽ پاڪستان ۾ وڏي انگ ۾ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ عورتن جي وڏي انگ کي نوڪري جا موقعا حاصل نه آهن.ن موقعي تي منصوبه بندي واري وزير احسن اقبال تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته انساني وسيلن جي ترقي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اسان 1999ع ۾ انساني وسيلن لاءِ جيڪا قدم کنيا اهي مارشل لا حڪومت ۾ ضايع ٿي ويا.احسن اقبال اهو به چيو ته اسان جي حڪومت 2013 ۾ انساني وسيلن لاءِ ٻيهر قدم کڻڻ شروع ڪيا، اسان جي دور ۾ ترقياتي بجيٽ 1000 ارب روپيه هو. هلندڙ مالي سال ترقياتي بجيٽ گهٽ ٿي 727 ارب روپيه ٿي ويو پر اسان جو انفرا اسٽرڪچر غريب ترين ملڪن جيان آهي.هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان پهتو. آءِ ايم ايف پروگرام جون شرطون ٻوڏ کان اڳ طئي ٿيون هيون. ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان انهن مان ڪجهه شرطن تي عمل نه ڪري سگهيو. آءِ ايم ايف پروگرام پورو نه ٿيڻ سبب غير يقيني واري صورتحال وڌي، ان کان علاوه ملڪ ۾ توانائي جي قيمت گهٽ ڪرڻ ۽ غريب ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو