پاڪستان جي ڏکڻ آفريڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست

پاڪستان جي ڏکڻ آفريڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 19 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي گهربل اسڪور 140 رن ٺاهي ميچ کٽي ورتي. ٽن ميچز جي سيريز ۾ پاڪستان کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري هاصل آهي ۽ سيريز به پاڪستان کٽي ورتي.بظاهر آسان ٽارگيٽ چيز ڪرڻ لاءِ صاحبزاده فرحان ۽ صائم ايوب آيا ته 8 جي مجموعي اسڪور تي صائم ايوب بنر رن ٺاهڻ جي ڪوربن بوچ جي بال تي آفريڪي ڪپتان هٿان ڪيچ ٿيو، جنهن بعد ٻئي وڪيٽ 44 تي ڪري جڏهن صاحبزادا فرحان 19 رنز ٺاهي ڊونوون فريرا جي بال تي ميثيو بريزڪي هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد بابر اعظم ۽ سلمان آغا اسڪور اڳتي وڌايو۽ 120 جي اسڪور تي سلمان آغا 26 بالن تي 33 رنز ٺاهي لزاد وليمز جي بال تي سيملين هٿان ڪيچ ٿيو، بابر اعظم 44 بالن تي 68 رنز ٺاهي ڪوربن بوچ جي بال تي ريضا هينڊرڪس هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد حسن نواز 5 ۽ محمد نواز هڪ رن ٺاهي آئوٽ ٿيا. جنهن بعد 19 هين اوور ۾ پاڪستان ميچ کٽي ورتي. اسڪور اڳتي وڌايو. ڏکڻ آفريڪا 9 وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنز ٺاهي سگهي ۽ پاڪستان کي 140 جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. ان کان اڳ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريقا خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو سندن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو. شااهين آفريدي پهرين اوور جي ٻئي ۽ ٽئين بالن تي لڳاتار ٻه وڪيٽون ورتوين. هن ڊي ڪاڪ کي اڳ ۾ بولڊ ڪيو ۽ ان بعد ون ڊائون لهان ڊري پريٽوريس کي عثمان طارق هٿان ڪيچ ڪرايو، ٻئي زيرو تي آئوٽ ٿيا. ڊي ڪاڪ ٽي ٽوئنٽي ۾ پنهنجي ٽيم جو سڀ کان وڌيڪ يعني 8 ڀيرا زيرو تي آئوٽ ٿيندڙ رانديگر بڻجي ويو. جنهن بعد 38 جي اسڪور تي عثمان طارق جي بال تي بابراعظم هٿان ڊيوالڊ بريوس 21 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو، نائين اوور ۾ ميٿيو بريزڪي هڪ رن ٺاهي ته محمد نواز کيس بولڊ ڪيو، نواز کي 3 اوورن ۾ 38 رنز پيون. ڪپتان ڊونوون فيريرا 14 بالن تي 29 رنز اسڪور ڪري فهيم اشرف جي بال تي سلمان آغا هٿان ڪيچ ٿيو، جارج لنڊي زيرو تي فهيم اشرف جي بال تي حسن نواز هٿان ڪيچ ٿيو. 15 هين اوور ۾ ريضا هينڊرڪس 34 رنز ٺاهي عثمان طارق جي بال تي حسن نواز هٿان ڪيچ ٿيو. 14 اوورن جي پڄاڻي تي ڏکڻ آفريڪا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 96 رنز اسڪور ڪيون هيون. 15 هين اوور ۾ سلمان مرزا سائملين کي 13 جي اسڪور تي شاهين آفريدي هٿان ڪيچ ڪرايو، ليزاد وليم کي شاهين آفريددي محمد نواز هٿان ڪيچ ڪرائي پنهنجو ٽيون شڪار ڪيو. هن 4 اوورن ۾ 26 رنز ڏئي 3، سلمان مرزا 4 اوورن ۾ 16 رنز ڏئي هڪ، عثمان طارق 4 اوورن ۾ 26 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. هڪ اوور صائم ايوب ڪرائي 5 رنسون ڏنيون. آخري اوور فهيم اشرف ڪرايو، جنهن 4 اوورن ۾ 28 رنسن عيوض 2 وڪيٽون ورتيون. ڪاربن بوچ 30 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سيريز ۾ ٽيئي ڀيرا ٽاس پاڪستان ئي کٽيو آهي. قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ کيڏي ويندڙ سيريز جي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ ٽاس دوران پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا ۽ ڏکڻ آفريقا جي اڳواڻ ڊونون فريئر ميدان ۾ آيا. پهريون ٽي ٽوئنٽي ميچ ڏکڻ آفريقا 55 رنزن سان کٽيو هو، جڏهن⁠ته ٻئي ميچ ۾ پاڪستان 9 وڪيٽن تان فتح حاصل ڪئي. اڄ جي ميچ جي فاتح ٽيم سيريز پڻ پنهنجي نالي ڪندي. ٽي ٽوئنٽي سيريز کان پوءِ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز به کيڏي ويندي، جنهن جو پهريون ميچ 4 نومبر، ٻيو 6 نومبر ۽ آخري ون ڊي 8 نومبر تي کيڏبو.

پهنجو تبصرو موڪليو