اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيانگ زيڊونگ جو چوڻ آهي ته پاڪ چين دوستي گڏيل ڪوششن سان مسلسل وڌي رهي آهي، عملي تعاون ۾ جامع اڳڀرائي ٿي آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چين جي سفير جيانگ زيڊونگ سان چيني سفارتخاني ۾ ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي چيني سفير چيو ته چين ٻه طرفي سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستاني ادارن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ تيار آهي.چيني سفير چيني وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري لاءِ شاندار انتظامن تي گهرو وزير جا ٿورا مڃيا.ملاقات دوران جيانگ زيڊونگ گهرو وزير محسن نقوي کان صدر آصف علي زرداري جي صحت بابت پڇيو، سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.چيني سفير جو چوڻ آهي ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري کي خط لکي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.










