اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران کي ٽيبل تي ويهاريو ته جيئن ڳالهين جو سلسلو ٽٽي نه سگهي، اسرائيل جي خواهش ۽ ڪوشش اها ئي هئي ته تڪرار جاري رهي.خواجه آصف آمريڪا ۽ ايران جي ممڪنه معاهدي بابت چيو ته ان شاءَ الله معاهدو هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٿي ويندو. پاڪستان ٻنهي ڌرين کي ٽيبل تي ويهاريو ته جيئن ڳالهيون ختم نه ٿين، جڏهن ته مختلف وقتن تي اسرائيل منفي ۽ تباهي ڪندڙ ڪردار ادا ڪيو.خواجه آصف جو چوڻ هو ته لبنان اندر اسرائيل بيگناهه ٻارن ۽ شهرين کي شهيد ڪيو، اسرائيل جي خواهش ۽ ڪوشش اها ئي هئي ته تڪرار جاري رهي، اسرائيل چاهيو پئي ته آمريڪا کي هن خطي ۾ مصروف رکي. مان سمجهان ٿو ته آمريڪي انتظاميا عقلمنديءَ جو ثبوت ڏنو آهي، جنهن طريقي سان هڪ عالمي اڳواڻ جو رويو هجڻ گهرجي، آمريڪا ان جو مثال قائم ڪيو. ايران جي حوالي سان خواجه آصف چيو ته ايرانين پنهنجي 5 کان 6 هزار سال پراڻي تاريخ رقم ڪئي آهي، ايران بهادري ۽ وطن جي محبت سان سرشار ٿي پنهنجو دفاع ڪيو، ٻنهي ملڪن عقلمنديءَ جو ثبوت ڏنو آهي.










