اسلام آباد (ويب ڊيسڪ )پاڪستان آءِ ايم ايف جي وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو واڌ جو شرط قبول ڪري ورتو. ناڻي واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان پاليسي ريٽ 2 سيڪڙو وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان سان آءِ ايم ايف جون ڳالهيون رات دير سان جاري رهيون. ناڻي واري وزارت موجب آءِ ايم ايف جا عملدار هر نقطي جو تفصيلي جائزو وٺي رهيا آهن، هاڻي رڳو ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. اختيارين موجب پاور سيڪٽر معاملي جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. پاور سيڪٽر جا معاملا طئي ٿيڻ بعد عملي سطح تي معاهدا ڪيا ويندا، پاڪستان جون تائين پرڏيهي مٽا سٽا حاصل ڪرڻ جي ذريعن تي تفصيلي بريفنگ ڏئي ڇڏي. اختيارين موجب آءِ ايم ايف آفيسر پرڏيهي مٽاسٽا ڪندڙ ملڪن سان به ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ پاڪستان سان لاڳاپيل سياسي معاملن تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي.










