پاڪستان آءِ ايم ايف کان مطالبن تي عمل لاءِ وقت گهري ورتو

پاڪستان آءِ ايم ايف کان مطالبن تي عمل لاءِ وقت گهري ورتو

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پاڪستان آءِ ايم ايف کان مطالبن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آءِ ايم ايف مشن جي هيڊ ناٿن پورٽر جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڳالهين ۾ ناڻي وارو سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ، مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ وزيراعظم جا معاون خصوصي طارق پاشا ۽ ٻيا موجود هئا. طارق باجوه به شرڪت ڪئي جڏهن ته ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين ۾ معاشي هدفن کان علاوه 9 هين اقتصادي جائزي واري ڳالهين جي شيڊول ۽ نقشن تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف وفد بجيٽ ۾ اعلانيل فيصلن موجب بجيٽ خسارو 4.9 سيڪڙو رکڻ جو واعدو پورو ڪرڻ ۽ بنيادي خسارو جي ڊي پي جي 0.2 سيڪڙو تي رکڻ جو واعدو پورو ڪرڻ جو به چيو. بجيٽ فيصلن موجب. آءِ ايم ايف وفد مطالبو ڪيو ته ايڪسپورٽ سيڪٽر مان 110 ارب رپين جو ڇوٽ ختم ڪيو وڃي، 7470 رپين جو ٽيڪس ڪليڪشن جو هدف هر صورت ۾ ايف بي آر کي پورو ڪيو وڃي، ان کان علاوه گردشي قرضن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 855 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف پورو ڪرڻ جو به چيو ويو، رياستي ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ انهن جا خسارا ختم ڪرڻ جو به چيو ويو، آءِ ايم ايف نجڪاري پروگرام تي سوال ڪيو. عملدرآمد لاءِ جڏهن ته آءِ ايم ايف به مالي خسارن ۽ نقصانن جي نشاندهي ڪئي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن موجب آءِ ايم ايف مالياتي نظم و ضبط تي سختي سان عمل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف غريبن لاءِ سبسڊي جي مخالفت نه ڪري رهيو آهي ۽ آءِ ايم ايف به بي آءِ ايس پي تحت امداد جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهڻ چاهي ٿو. ذريعن موجب پاڪستان سمورن مطالبن تي عمل ڪندو پر جيڪڏهن ان لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو ويو ته پاڪستان آءِ ايم ايف وفد سان گڏ پائيدار ادارا سڌارا جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو