ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نائيجيريا ۾ ٽي مهينا اڳ اغوا ٿيل پاڪستاني شهري ڊاڪٽر ابوذر افضل جي بازيابي تي نائيجيريا حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن. بلاول ڀٽو ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته نائجيريا ۾ مارچ کان اغوا ٿيل پاڪستاني شهري جي باحفاظت آزادي تي اسان نائيجيريا جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته مان پاڪستان ۾ هر ان ڌر جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جن سندس آزاديءَ لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪئي. ان کان اڳ پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته نائجيريا ۾ دهشتگردن اغوا ڪيل پاڪستاني ڊاڪٽر ابوذر محمد افضل کي آزاد ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ نائيجيريا جي عوام پاڪستاني شهري جي بحفاظت آزادي ۾ مدد ڪرڻ تي نائيجيريا جي برادر عوام ۽ حڪومت کي ساراهي ٿو. بيان موجب ڊاڪٽر ابوذر محمد افضل کي ٽي مهينا اڳ اغوا ڪيو ويو هو، هو 28 مارچ 2022 تي ابوجا کان ڪدونا ويندڙ ٽرين تي حملي ۾ يرغمال بڻيل ڪيترن ئي مسافرن ۾ شامل هو.










