پاڪستاني ويڙهاڪ روس جي لاءِ يوڪرين ۾ وڙهي رهيا آهن: زيلنسڪي

پاڪستاني ويڙهاڪ روس جي لاءِ يوڪرين ۾ وڙهي رهيا آهن: زيلنسڪي

ڪيف: (ويب ڊيسڪ) يوڪرين جي صدر وولودومير زيلنسڪي دعويٰ ڪئي آهي ته اتر اوڀر يوڪرين ۾ روسي فوج سان گڏ وڙهندڙن ۾ پاڪستان، چين ۽ آفريقي ملڪن جا ويڙهاڪ به شامل آهن.صدر زيلنسڪي(ايڪس) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان جنگ دوران موجود ڪمانڊرز سان ووفڇانسڪ جي دفاع ۽ جنگ جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. اسان جي سپاهين اطلاع ڏني آهي ته انهي محاذ تي چين، تاجڪستان، ازبڪستان، پاڪستان ۽ ڪجهه آفريقي ملڪن جا ڀاڙي جا ويڙهاڪ شامل آهن، اسان انهي جو جواب ڏينداسين.ٻئي طرف پاڪستان يوڪرين ۾ جاري تڪرار ۾ پاڪستاني شهرين جي مبينه شرڪت بابت الزامن کي بي بنياد، هٿ ٺوڪيو ۽ قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت اهڙن الزامن کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿي، اهڙن الزامن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي. ترجمان موجب هينئر تائين يوڪريني اختيارين نه ته پاڪستان سان باضابطه طور تي ڪو رابطو ڪيو آهي ۽ نه ئي اهڙين دعوائن جي حق ۾ ڪنهن به قسم جون تصديق جوڳيون يا ڀروسي جوڳيون شاهديون ڏنيون ويون آهن. پاڪستان انهي معاملي تي يوڪرين سان باضابطه طور تي رابطو قائم ڪندو ۽ اهڙي قسم جي الزامن جي وضاحت طلب ڪئي ويندي.پرڏيهي وزارت واضح ڪيو آهي ته پاڪستان يوڪرين تڪرار جي پرامن ۽ سفارتي حل تي يقين رکي ٿو ۽ گڏيل قومن جي چارٽرڊ جي اصولن موجب ڳالهين جي ذريعي مسئلن جي حل جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.2023ع ۾ بي بي سي جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته پاڪستان ٻن آمريڪي پرائيويٽ ڪمپنين سان گڏ 346 ملين ڊالر جا هٿيار وڪرو ڪرڻ جو معاهدو ڪيو جنهن جي ذريعي هٿيار مبينه طور تي يوڪرين پهچايا ويا پر پاڪستان جي پرڏيهي وزارت، اڳوڻي نگران وزيراعطم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ پاڪستان ۾ روسي سفير طرفان اهڙن الزامن کي مختلف موقعن تي رد ڪيو ويو آهي.صدر زيلنسڪي انهي کان اڳ به روس تي چيني ويڙهاڪ ڀرتي ڪرڻ جو الزام لڳائي چڪو آهي جنهن کي چين به رد ڪري ڇڏيو هو. اهڙي طرح اتر ڪوريا تي به الزام لڳايو ويو آهي ته انهي پنهنجا هزارين فوجي روس جي ڪُرسڪ علائقي ۾ اماڻيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو