پاڪستاني مون سون جي پوکائي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن: صدر

پاڪستاني مون سون جي پوکائي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن: صدر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سمورن پاڪستانين خاص ڪري نوجوانن کي مون سون جي پوک جي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي.صدر آصف علي زرداري مون سون جي پوکائي مهم جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مون سون پلانٽ مهم قدرتي حسن ۽ وسيلن جي تحفظ جو هڪ اهم پاسو آهي.هن چيو ته وڌندڙ ماحولياتي مسئلن کي نظر ۾ رکندي وڻ پوکڻ جي اهميت اڃا به وڌي وئي آهي، رسول الله صلي الله عليه وسلم به وڻ پوکڻ جي ترغيب ڏني آهي.صدر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ڪل ايراضيءَ جو رڳو 5 سيڪڙو ٻيلن سان ڍڪيل آهي، ڪاٺ جي وڌندڙ گهرج ۽ زمين جي ٻين استعمال سبب ٻيلن تي سخت دٻاءُ آهي.آصف علي زرداري چيو ته ٻيلن جو فروغ پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا ۾ پهرين ترجيح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو