پاڪستاني خاندان ۾ افغان شهري کي ڪيئن شامل ڪيو ؟

پاڪستاني خاندان ۾ افغان شهري کي ڪيئن شامل ڪيو ؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ هڪ غير لاڳاپيل شخص کي فيملي ٽري ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران نادرا عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.عدالت ۾ درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هڪ افغان شهري کي درخواستگذار جي فيملي ٽري ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هاڻي درخواستگذار جي پوري خاندان جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن.ان تي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ نادرا عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پڇيو ته افغان شهري کي پاڪستاني خاندان ۾ ڪيئن شامل ڪيو ويو؟ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ پڇيو ته جڏهن اهي پاڪستاني آهن ته انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڇو بلاڪ ڪيا ويا؟ هڪ شخص جي ڪري سڄي خاندان کي ڇو ڦاسايو ويو؟ عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ڪو به غير لاڳاپيل شخص درخواستگذار جي خاندان ۾ شامل آهي ته ان جو نالو ڪڍيو وڃي، جسٽس ذوالفقار علي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اهو معلوم ناهي ته پئسا وٺي هر خاندان ۾ ڪيترا ماڻهو شامل ڪيا ويا هوندا.عدالت بعد ۾ ٻڌڻي ملتوي ڪندي نادرا کي 10 ڏينهن اندر سڄي خاندان جي قانوني دستاويزن جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو