پاڪستاني تاريخ ۾پهريون ڀيروکنڊ 120 روپيا ڪلو ٿي وئي

پاڪستاني تاريخ ۾پهريون ڀيروکنڊ 120 روپيا ڪلو ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ حڪومت ۾ کنڊ جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. شماريات واري اداري مختلف شهرن ۾ کنڊ جي وڪرو اگهن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ کنڊ 120 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، شهري سرڪاري اگهه کان مهانگي کنڊ 25 کان 30 رپيا في ڪلو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. حڪومت پاران کنڊ جو اگهه 89.75 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي پر اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ 120 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. شماريات اداري موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ کنڊ 90 کان 120 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي. ڪراچي، ڪوئيٽا، خضدار، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ گوجرانوالا ۾ کنڊ جو اگهه 120 رپيا في ڪلو جڏهن ته پشاور ۽ بنون ۾ کنڊ جو اگهه 118 رپيا في ڪلو، فيصل آباد ۾ 115 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. ۽ اسلام آباد ۾ 110 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. لاهور، سيالڪوٽ ۽ راولپنڊي ۾ کنڊ 90 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ملتان، بهاولپور ۽ سرگوڌا ۾ کنڊ جو اگهه 90 رپيا في ڪلو تائين آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو