اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان سان ڳالهين بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سان 12 کان 15 نومبر تائين مشن چيف ناٿن پورٽر جي سربراهي ۾ ڳالهيون ٿيون. وفاقي حڪومت کان علاوه صوبائي حڪومتن سان به ڳالهيون ڪيون ويون.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهين ۾ خانگي شعبي جي نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.آءِ ايم ايف جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني اختيارين سان معاشي معاملن تي ڳالهيون مثبت رهيون.










