پاڪستان، سعودي عرب اسلامي ڀائپي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن: شهبازشريف

پاڪستان، سعودي عرب اسلامي ڀائپي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن: شهبازشريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائپي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن لاڳاپيل عملدار لاڳاپا خاص طور تي روزگار، توانائي، فوڊ سيڪيورٽي، ڊگهي مدي اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ لا3 موثر سفارشون تيار ڪن سومر تي وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ ايندڙ سعودي عرب دوري جي تياري جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي سعودي ڀائرن سان انهن پراڻن لاڳاپن کي نهايت قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. وزيراعطم جو عهدو سنڀالڻ کان پو3 وزيراعظم شهبازشريف جو هي پهريون پرڏيهي دورو آهي جيڪو ٻنهي برادر اسلامي ملڪن وچ ۾ پهريان کان موجود ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، ساجد حسين طوري، مريم اورنگزيب، حنا رباني کر، طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو