بنگلاديش ۽ آءِ سي سي ڳالهيون ختم، بريڪ ٿرو جو امڪان

بنگلاديش ۽ آءِ سي سي ڳالهيون ختم، بريڪ ٿرو جو امڪان

لاهور)ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي)، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ بابت ڳالهيون ختم ٿي ويون آهن، جنهن کان پوءِ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ هڪ وڏي پيش رفت جو امڪان آهي.آءِ سي سي پاڪستان کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.ان سلسلي ۾ آءِ سي سي جي ڊپٽي چيئرمين عمران خواجه ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي وچ ۾ لاهور ۾ ڳالهيون جاري رهيون. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر امين الاسلام به ڳالهين ۾ موجود هو.ذريعن موجب، ڌرين وچ ۾ ڳالهيون 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهيون، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بنگلاديش سان ٿيندڙ ناانصافين جي ازالي تي ڌيان ڏنو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهيون ختم ٿيڻ کان پوءِ، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ هن معاملي تي هڪ وڏي پيش رفت جو امڪان آهي.ذريعن موجب، ملاقات ۾ آءِ سي سي ۽ بي سي بي وچ ۾ تجويزن جو تبادلو ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ باهمي رابطي طور ڪم ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي مطالبن جو مثبت جواب ڏنو ۽ بنگلاديش خلاف زيادتين کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ فارمولو تيار ڪيو ويو آهي.آءِ سي سي جو ڊپٽي چيئرمين عمران خواجه تجويزن جي آخري منظوري لاءِ روانو ٿيو.بنگلاديش بورڊ جو صدر امين الاسلام پڻ پنهنجي حڪومت کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ روانو ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ باهمي فارمولي تي اتفاق ٿيڻ کان پوءِ، آءِ سي سي ۽ بي سي بي اڄ منجهند ٻيهر هڪ ٻئي سان رابطو ڪندا.ان کان اڳ، ذريعن ٻڌايو هو ته پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي آءِ سي سي جي ڊپٽي چيئرمين عمران خواجه کي جواب ڏنو هو ته ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو حڪومت جو هو ۽ حڪومت به ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جو فيصلو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو