پاسپورٽ کي مڪمل طور تي اي-پاسپورٽ تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو

پاسپورٽ کي مڪمل طور تي اي-پاسپورٽ تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزارت پاسپورٽ جي جاري ٿيڻ کي مڪمل طور تي اي-پاسپورٽ تي منتقل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ پاسپورٽ اينڊ اميگريشن هيڊڪوارٽرز ۾ خصوصي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاسپورٽ جي نظام ۾ اهم سڌارن جو فيصلو ڪيو ويو، ڊي جي پاسپورٽس اينڊ اميگريشن محمد علي رندھاوا وفاقي گهرو وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ پاسپورٽ جي جاري ٿيڻ کي مڪمل طور تي اي-پاسپورٽ تي منتقل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته اي-پاسپورٽ تي مڪمل منتقلي سان پاسپورٽ جي حوالي سان فراڊ ۽ جعل سازي جو خاتمو ٿيندو، پريميئم سروسز حاصل ڪرڻ وارن کي پاسپورٽ تي ٿيندڙ خرچن جي مطابق فيس ادا ڪرڻي پوندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پرڏيهه ۽ ملڪ اندر پاسپورٽ جي هوم ڊليوري لاءِ شروعاتي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، شهرين کي پاسپورٽ سندن چائنٺ تي فراهم ڪرڻ جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو، پهرين جولاءِ کان پاسپورٽ آفيسن ۾ ڪيش ليس (روڪ رقم کانسواءِ وارو) نظام لاڳو ڪيو ويندو، آن لائن پاسپورٽ درخواستن کي پاڪ آئي ڊي (Pak ID) جي پليٽ فارم تي منتقل ڪيو ويندو. گهرو وزير محسن نقوي هدايت ڪئي ته بزنس پاسپورٽ تي پاليسي کي ايف بي آر (FBR) جي مشاورت سان جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو