پارليامينٽ جا ميمبر ۽ قانوني ماهر ثبوت ايڪٽ تي ڪم ڪن پيا: لغاري

پارليامينٽ جا ميمبر ۽ قانوني ماهر ثبوت ايڪٽ تي ڪم ڪن پيا: لغاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جا ميمبر، سماجي ڪارڪن ۽ قانوني ماهر سنڌ ۾ Evidence Act شاهديون ايڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جو مقصد شاهدن ۽ شاهدن جي گواهين کي مضبوط بڻائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 8 مارچ تي پوري دنيا ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته خاص طور تي عورتن سان زيادتي جي ڪيسن ۾ جوابدارن کي ڪمزور ثبوتن ۽ شاهدن جي عدم موجودگيءَ سبب آزاد ڪيو ويندو آهي، ان سلسلي ۾ خانداني قانون ۽ انگريزن جي ڏنل قانونن ۾ شاهد ۽ گواهين جي معاملي تي ڪافي تضاد آهي، خانداني قانونن جي شاهدن جي گواهين تي فيصلو ڪندي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف قانون شاهدن ۽ گواهين ٻنهي تي فيصلو ٻڌائيندو آهي، جڏهن ته ڏٺو هي ويو آهي ته اڪثر عورتن جي ڪيسن ۾ جوابدارن خلاف ڪو به شاهد نه هوندو آهي ۽ وڏي مدت وارا ثبوت ۽ ٻيا ثبوت ڪمزو ۽ ناقابل قبول ثابت ٿي ويندا آهن ، جنهن سبب جوابدار آزاد ٿي ويندا آهن ۽ معاشري ۾ توازن خراب ٿي ويندو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي ملڪ جي واحد اسيمبلي آهي جنهن عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قانون سازي ڪئي آهي جنهن تي ان کي عالمي سطح تي سڃاڻپ به ملي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جي معاشي صورتحال ۾ به عورت ئي ملڪ کي مضبوط ڪري رهي آهي، جيڪڏهن عورت ترقي نه ڪندي ته ملڪ به ترقي نه ڪري سگهندو. هن جو چوڻ آهي ته سال ۾ هڪ ڏينهن عورتن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڄو سال عورتن جي نالي سان هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته عورتن جي شخصيت ئي سماج کي مضبوط بڻائيندي آهي. سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري وڌيڪ چيو ته ڳوٺن توڙي شهرن ۾ عورتون مردن سان گڏ ڪم ڪري رهيون آهن، ڳوٺن ۾ پوک، دستڪاري ۽ شهرن ۾ آفيسن ۾ مردن سان گڏ ڪم ڪري رهيون آهن، عورتون تعليم حاصل ڪري پنهنجي ملڪ کي مضبوط بڻائين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو