پارليامينٽ سپريم آهي، سڀني کي ان آڏو جهڪڻو پوندو، بلاول

پارليامينٽ سپريم آهي، سڀني کي ان آڏو جهڪڻو پوندو، بلاول

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ سپريم آهي ان جي اڳيان سڀني کي جهڪڻو پوندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 14 مئي پاڪستان ۽ جمهوريت لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي بينظير ڀٽو شهيد ۽ نواز شريف ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون، جنهن سان پاڪستان ۾ اسمبلين مدت مڪمل ڪرڻ شروع ڪئي ۽ جمهوريت مضبوط ٿي. ميثاق جمهوريت کي 17 سال مڪمل ٿيڻ تي هن جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري چارٽر آف ڊيموڪريسي تي عمل ڪندي اختيار پارليامينٽ کي ڏنا، 18هين آئيني ترميم وفاق ۽ سمورن يونٽن جي وچ ۾ نئون ٺاهه آهي، اڄ پارليامينٽ تي حملا ٿي رهيا آهن ۽ ان جي اختيارن کي چيلينج ڪيو پيو وڃي. نئون آئين لکيو پيو وڃي، جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي منظور نه ڪيو آهي نه ڪندي، آئين ٺاهڻ جو اختيار رڳو پارليامينٽ کي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو