اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پارليامينٽ جي ٺاهيل قانون تي عمل ڪرڻ سڀني جو فرض آهي.وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان موقعي تي صحافي طرفان راڻا ثناءُ الله کان سوال ڪيو ويو ته ڇا پارليامينٽ ايتري ڪمزور آهي جو سياستدانن کي عدالت ۾ اچڻو پوندو؟ ان جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيندا آهن، ڇا اهي ڪالهه ٿيا؟ هن چيو ته پارليامينٽ جيڪو قانون ٺاهيندي ان تي عمل ڪرڻ سڀني جو فرض آهي.










