پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ، 19 نقاطي ايجنڊا جاري

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ، 19 نقاطي ايجنڊا جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ شام 4 وڳي ٿيندو، گڏيل اجلاس جو 19 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي.ايجنڊا موجب احتساب آرڊيننس ۾ ترميم جو بل 2023 پيش ڪيو ويندو. صدر دستخط کانسواءِ بل واپس ڪري ڇڏيو.منظوري کانپوءِ بل 10 ڏينهن اندر قانون بڻجي ويندو جيتوڻيڪ دستخط نه ڪيا ويا.گڏيل اجلاس جي ايجنڊا تي انساني عضون جي منتقلي وارو بل به شامل آهي.اهڙي طرح اليڪٽرانڪ ڪرائم روڪٿام بل 2022 به منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.ايجنڊا موجب حد بنديون ترميمي بل 2022 به منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو