پارا چنار ٻن قبيلن وچ ۾ جهيڙي دوران 35 ڄڻا مارجي ويا

پارا چنار ٻن قبيلن وچ ۾ جهيڙي دوران 35 ڄڻا مارجي ويا

ڪرم (ويب ڊيسڪ)ڪرم ضلعي جي 2 قبيلن جي بزرگن 5 ڏينهن کان جاري جهيڙي کي روڪڻ تي اتفاق ڪري ورتو.ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود موجب ڌرين جي اڳواڻن جنگبندي تي اتفاق ڪيو، جنهن کانپوءِ امن جرڳا ميمبر هٿياربند قبيلن کي فرنٽ لائين تان هٽائي ڇڏيندا.هن چيو ته هٿياربندن کي هٽائڻ کانپوءِ مورچن تي سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.ٻئي طرف ڪرم ضلعي ۾ 5 ڏينهن کان جاري جهيڙي ۾ مارجي ويلن جو انگ 35 ٿي ويو آهي جڏهن ته 166 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.پوليس موجب زميني تڪرار تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن بعد مختلف علائقن ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاراچنار شهر تي به درجنين ميزائل فائر ڪيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پارا چنار کان پشاور ويندڙ مين روڊ کي به هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ متاثر علائقن ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس پڻ متاثر آهي، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو