لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي طلبي خلاف عمران خان جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.جسٽس اسجد جاويد غرال 2 صفحن تي ٻڌل حڪم جاري ڪيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته عمران خان جي ايف آءِ اي جا طلبي نوٽيس ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل رهندا.عدالت چيو ته عمران خان جي درخواست ۾ اهم قانوني نقطا اٿاريا ويا آهن، ايف آءِ اي ۽ ٻيا ڌر لکت ۾ جواب ڏين ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪن.لاهور هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته درخواستگذار موجب ايف آءِ اي کي بليڪ ميلنگ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.عدالت اهو به چيو ته عمران خان جي درخواست تي ايندڙ ڪارروائي 7 ڊسمبر تي ٿيندي.










