پئرس اولمپڪس ختم، آمريڪا سڀني کان وڌيڪ ميڊل کٽيا

پئرس اولمپڪس ختم، آمريڪا سڀني کان وڌيڪ ميڊل کٽيا

پئرس(ويب ڊيسڪ) پئرس اولمپڪس گيمز 2024 آچر تي پڃاڻي تي پهتيون. آمريڪا سڀني کان وڌيڪ مجموعي ميڊل يعني 126 ميڊل کٽي پهرين نمبر تي رهيو. جنهن ۾ 40 سون، 44 چاندي ۽ 42 پتل جا ميدل شامل آهن. ٻئي نمبر تي چين آهي جنهن ڪل 91 ميڊل کٽيا. (40 سون، 27 چاندي، 24 برونز يعني پتل)، برطانيه 65 (14 سون، 22 چاندي، 29 پتل)، فرانس 64 ميڊل کٽيا(16 سون، 26 چاندي، 22 برونز)، آسٽريليا 53 (18 سون، 19 چاندي، 16 برونز) ۽ جاپان 45 ميڊل کٽيا(20 سون، 12 چاندي، 13 برونز). 26 جولاءِ کان 11 آگسٽ تائين جاري رهندڙ ميگا اسپورٽس ايونٽ ۾ 32 قسمن جي راندين جا 48 ڊسيپلين شامل هئا. 329 ايونٽ ٿيا جن ۾ 206 ملڪن جي 10 هزار 702 ايٿليٽس حصو ورتو. بريڪ ڊانسنگ ۽ ڪيڪ ڪراس هن اونهاري ۾ پئرس اولمپڪس ۾ ڊيبيو ڪيو. ڪيتريون ئي رانديون، جن ۾ سرفنگ، اسڪيٽ بورڊنگ ۽ اسپورٽ ڪلائمبنگ شامل آهن، 2021 ۾ ٽوڪيو ۾ ڊيبيو ڪرڻ کانپوءِ سمر گيمز ۾ واپسي ڪئي. هميشه آمريڪا ميڊل ٽيبل تي تاپ ڪندو آهي، سواءِ 2008 جي بيجنگ اولپڪس جي جنهن ۾ چين ٽاپ ڪيو هو. آمريڪا آچر تي ميزبان فرانس کي ساهه مونجهائڻ واري باسڪيٽ بال راند۾ شڪست ڏئي پنهنجو آخري سون جو تمغو کٽيو. ميزبان فرانس ميڊل ٽيبل تي ڪل 64 تمغا کٽي پنجين نمبر تي رهيو جيڪا سندن هڪ صدي جي وڏي ۾ وڏي بهتر پرفارمنس آهي. ياد رهي ته پاڪستان 40 سالن بعد گولڊ ميڊل کٽيو. ارشد نديم جيولين ٿرو ۾ اولمپڪس جي تاريخ م پهريون ڀيرو انفرادي گولڊ ميڊل کٽيو.
تفصيلي ميڊل ٽيبل ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو