ٽڪ ٽوڪ تي پاڪستان پابندي هڻي ڇڏي

ٽڪ ٽوڪ تي پاڪستان پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ چيني سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته مختلف طبقن طرفان شڪايت ملي ته ٽڪ ٽاڪ تي غير اخلاقي ۽ غير مهذب مواد موجود آهي، اسان جي هدايتن تي به مڪمل طور عمل نه ڪيو ويو، تنهن ڪري اُن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو. ياد رهي ته ڀارت ۽ آمريڪا به دنيا جي هن مقبول ترين ايپ تي پابندي هنئي هئي. آمريڪي عدالت نومبر تائين صدر ٽرمپ جو اهو حڪم معطل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو