پشاور: (ويب ڊيسڪ) پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ڪمانڊر نور ولي محسود ۽ احمد حسين عرف غٽ حاجي جي خلاف ڳجهي ڳالهه تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب نور ولي محسود ۽ غٽ حاجي جي خلاف ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي اتر وزيرستان ۾ داخل ڪيو ويو جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ايڪٽ جي تحت سي ٽي ڊي ٿاڻي ڊيره اسماعيل خان ۾ به ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ڪري شموزئي ۾ ڏوراهين هيلٿ سينٽر تي حملي جو پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










