اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون طئي ٿي ويون آهن.اسلام آباد ۾ ٽي ايل پي اڳواڻ شفيق اميني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته نبي ڪريم صه جو تحفظ هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، مذهب جي توهين روڪڻ لاءِ مشاورت سان لائحه عمل تي اچي ويو آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس تي هر پاڪستاني غمگين آهي. هڪ بيگناهه عورت کي نه رڳو غلط سزا ڏني وئي ۽ قيد ڪيو ويو،ڊاڪٽر عافيه جو ڪيس به ڏسو، جنهن پاڪستان جي صورتحال تي ڪانگريس ميمبرن کي خط لکيو.ڊاڪٽر عافيه صديقي کي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي. حڪومت کي ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس تي به خط لکيو ويندو.گهرو وزير چيو ته ٽي ايل پي جو هڪ مطالبو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آهي.اسحاق ڊار يقين ڏياريو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ واضح گهٽتائي ڪئي ويندي.ٽي ايل پي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون خوشگوار انداز ۾ طئي ٿي ويون آهن. ان موقعي تي ٽي ايل پي اڳواڻ شفيق اميني چيو ته حڪومت اسان جا مطالبا مڃيا آهن، اسان جي مطالبن ۾ حرمين شريفين جو تحفظ، مهانگائي جو خاتمو ۽ ڊاڪٽر عافيه جو معاملو شامل آهي، اسان پنهنجي مطالبن لاءِ ٻيهر پرامن مارچ ڪيو.شفيق اميني چيو ته راڻا ثناءُ الله جا ٿورائتا آهيون ته هن ڪروڙين عوام جي جذبن جو قدر ڪيو ۽ اسان جا مطالبا مڃيا ويا.هن چيو ته غريبن جي زندگي آسان بڻائڻ ٽي ايل پي جو منشور آهي، اميد آهي ته ان معاملي تي اڳتي وڌنداسين.










