وزيرآباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي علائقي وزير آباد ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ جي قافلو اسلام آباد ڏانهن مارچ شروع ڪيو ته رينجرز مٿن شيلنگ ڪئي جنهن بعد قافلي پسپائي اختيار ڪئي پر شهر ۾ هزارين ماڻهو موجود آهن. هاڻي هو اسلام آباد وڃڻ لاءِ متبادل رستو ڳولي رهيا آهن، روڊ بلاڪ ٿي ويا، جنهن بعد رينجرز ڪارڪنن کي منتشر ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا فائر ڪيا. گذريل جمعي کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ دوران مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ پرتشدد جهڙپن ۾ پنج پوليس اهلڪارن سميت گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن. تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن جو تعداد هزارن ۾ آهي ۽ ان ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ڇنڇر جي صبح ساڍي 9 وڳي تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن شهر جي اندرين رستن تان مارچ شروع ڪيو. اطلاع آهن ته رينجرز طرفان شهر جي مختلف هنڌن تي شيلنگ ڪئي وئي آهي،

جنهن کانپوءِ لانگ مارچ ۾ شريڪ ماڻهو ڪجهه پوئتي هٽي ويا آهن پر هن وقت هو شهر اندر موجود آهن. هن وقت رينجرز لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جي اڳڀرائي کي روڪڻ لاءِ اڳيان بيٺل آهي ۽ پوليس فورس سندن پٺيان آهي. علائقي مان مليل وڊيو فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽي ايل پي قيادت وزيرآباد جي مختلف علائقن مان لنگهي پنهنجي تقرير جاري رکي آهي. وزيرآباد کان اسلام آباد تائين ٻه رستا آهن. هتي هڪ بائي پاس آهي جيڪو شهر جي ٻاهران جي ٽي روڊ ذريعي چناپ نديءَ جي پل ڏانهن وڃي ٿو. چناپ نديءَ جي پل کان اڳ مختلف هنڌن تي روڊ تي کڏا کوٽيا ويا آهن، جن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. اسلام آباد ڏانهن ٻيو رستو وزيرآباد شهر مان لنگهي پوءِ چناپ نديءَ جي ان ئي پل وٽ ملي ٿو، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ان پاسي کڏ نه کوٽائي آهي. اهي به اطلاع آهن ته لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن وٽ ڪرين کان علاوه هن ڀيري به ڪاٺ جا وڏا ٽڪرا آهن جيڪي عام طور تي ڪنهن کڏ يا کوٽائي واري جاءِ کي پار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن قڳومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي 7 فوجي قيادت چيو هو ته تحريڪ لبيل جو ڪو به غير قانوني مطالبو تسليم نه ڪبو.










