اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهين کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس خميس جي بجاءِ اڄ طلب ڪيو ويو.تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهين کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس خميس جي بجاءِ اڄ طلب ڪيو ويو. اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري بابت قرارداد پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر قومي اسيمبلي جي صدارت هيٺ ٻنپهرن جو 3 وڳي ٿيندو. ذريعن موجب قرارداد نجي اپار جي طور تي ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي. اڄ اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ نجي ڪارروائي جو ڏينهن آهي. وفاقي گهرو وزير طرفان اڄ ايوان کي ڳالهين جي باري ۾ به آگاهي ڏني ويندي.واضح رهي ته ٽوئٽر تي جاري پنهنجي وڊيو بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته حڪومتي وفد ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون طئي ٿي ويون آهن. اڄ قومي اسيمبلي ۾ فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري جي قرارداد پيش ڪئي ويندي.










