ٽي ايل پي جو مارچ جاري، پنجاب ۾ رينجرز انتظام سنڀالي ورتو

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان يعني ٽي ايل پي جو مارچ گجرانوالا ڏانهن جاري آهي. رينجرز پنجاب ۾ ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. اسلام آباد ڏانهن وڌندڙ مارچ کي روڪڻ لاءِ چناب درياهه پُل جي ڀرسان جي ٽي روڊ تي کڏون کوٽيون ويونآهن ۽ واري جا ڍڳ روڊ تي رکي رستا بند ڪيا ويا آهن.

جي ٽي روڊ تي ڪنٽينر رکي روڊ سيل ڪيو ويو آهي. مظاهري سبب راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي سخت ۽ مري روڊ تي ٽرئفڪ بند بند پيل آھي، راولپنڊي صدر کان فيض آباد تائين ميٽرو  سروس معطل آهي، فيض آباد کان سڪسٿ روڊ تائين وڏي تعداد ۾ پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي وئي آهي.

اندرون شهر ۾ به ڪنٽينر رکي رستا بند ڪيا ويا آهن. ڌرڻي سبب جي ٽي روڊ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارا بند، ڪامونڪي ۾ انٽرنيٽ سروس معطل آھي. رستا بند هئڻ سبب شهري سخت پريشان آهن، ڪاروبار، نوڪري تي ويندڙ توڙي شاگرد سخت پريشان آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن 4 پوليس وارا شهيد ۽ 70 کان مٿي زخمي ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو