لنڊن(ويب ڊيسڪ)ملٽي نيشنل چيني موبائل ڪمپني ٽيڪنو پنهنجي ڪامياب اسپارڪ سيريز جو هڪ ٻيو سستو فون وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو جلد پاڪستان ۾ به متعارف ڪرايو ويندو. ٽيڪنو اڳ ۾ ئي جون جي شروعات ۾ آفريقي علائقي ۾ اسپارڪ 9 پرو متعارف ڪرايو آهي، جيڪو جلد ئي يورپ ۽ ايشيا ۾ پڻ متعارف ڪرايو ويندو. اسپارڪ 9 پرو ۾ 6.6 انچ اسڪرين آهي ۽ ان جي پوئتي تي ٽي ڪيمرا آهن، جن مان مکيه ڪيمرا 48 ميگا پڪسل، ٻيو 2 ميگا پڪسل لينس ۽ ٽيون 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا آهي. فون ۾ فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل سيفلي ڪيمرا آهي ۽ 5000 mAh جي بيٽري ۽ 18 واٽ چارج سان پيش ڪيو ويو آهي.










