ٽينڪر ساڙڻ واري ڪيس ۾ آفاق جي ضمانت منظور، آزاداي جا امڪان

ٽينڪر ساڙڻ واري ڪيس ۾ آفاق جي ضمانت منظور، آزاداي جا امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ ضمانت ملي وئي آهي، جنهن کان پوءِ اڄ شام تائين سندس آزاد ٿيڻ جو امڪان آهي.ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ويسٽ جي عدالت ۾ مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد خلاف ٽينڪر ساڙڻ بابت ٽيون ڪيس ٻڌڻي هيٺ آيو، جنهن ۾ عدالت آفاق احمد کي ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت سرجاني ٽائون ۾ داخل ٿيل ڪيس ۾ آفاق احمد جي ضمانت منظور ڪئي آهي ۽ کيس 100,000 رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. آفاق احمد خلاف لانڍي ۽ عوامي ڪالوني پوليس اسٽيشنن ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پاران ٻنهي ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿيڻ کان پوءِ، سرجاني پوليس ٽينڪر ساڙڻ واري ڪيس ۾ آفاق احمد کي سينٽرل جيل مان گرفتار ڪيو. ان حوالي سان آفاق احمد جي وڪيل جاويد چشتي ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته آفاق احمد اڄ شام تائين جيل مان آزاد ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو