ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن آسٽريليا 97 رنسن تي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي. پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 506 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. آسٽريليا طرفان عثمان خواجا ۽ مارنس لبوشين گذريل ڏينهن جي نامڪمل اننگز جي شروعات ڪئي. ميچ جي شروعات ۾ لبوشين 97 جي مجموعي اسڪور تي 44 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جنهن کي شاهين آفريدي بولڊ ڪيو. لبوشين جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ مهمان ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي. آسٽريليا کي ٽيسٽ ۾ مجموعي طور تي 505 رنسن جي برتري حاصل آهي ۽ پاڪستان کي ٽيسٽ کٽڻ لاءِ 506 رنسن جو هدف آهي. پاڪستان طرفان حسن علي ۽ شاهين آفريدي ٻي اننگز ۾ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽيسٽ ۾ پوري پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 148 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي جڏهن ته آسٽريليا پنهنجي پهرين اننگز 556 رنسن تي 9 وڪيٽن تي ڊيڪليئر ڪئي هئي. ٻئي اننگ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ جاري آهي، امام الحق 18 بال کيڏڻ بعد هڪ رن ٺاهي ناٿن ليون جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو، جڏهن ته عبدالله شفيق ۽ اظهر علي ڪيريز تي موجود هئا ليڪن چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿين تائين اظهر علي 54 بال کيڏي صرف 6 رنز ٺاهي ڪيمرون گرين جي بالڪ تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. پاڪستان 2 وڪيٽن جي نقصان تي 192 رنز اسڪور ڪيون آهن. اربع تي ڪراچي ٽيسٽ جو آخري ڏينهن آهي پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 314 رنز ءٌ آسٽريليا کي 8 وڪيٽون گهربل آهن. عبدالله شفيق 71 ۽ ڪپتان بابر اعظم 102 رنز تي ناٽ آئوٽ ڪيريز تي موجود آهن.










