ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪامران ٽيسوري وفاق ۽ صوبي ۾ رابطا جو ڪردار ادا ڪندو، اميد آهي ته هو سنڌ جي شهرين جي محرومين جي ازالي لاءِ به ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.ايم ڪيو ايم ترجمان چيو ته پارٽي ڪامران ٽيسوري کي سنڌ جو گورنر بڻجڻ تي مبارڪباد پيش ڪري ٿي.ترجمان موجب سنڌ جي گورنر جو عهدو موجوده حڪومت جي قيام کانپوءِ هن وقت تائين خالي هو، ايم ڪيو ايم پهرين مرحلي ۾ 5 نالا ڏنا هئا، انهن نالن تي ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي.اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ ٻه نالا صلاح مشوري کانپوءِ وفاق ڏانهن اماڻيا ويا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي گورنر جو اهم آئيني عهدو ڪافي عرصي کان خالي رهيو. ٻئي مرحلي ۾ ايم ڪيو ايم عبدالوسيم ۽ ڪامران ٽيسوري جا نالا وفاق کي موڪليا ۽ صدر ڪامران ٽيسوري جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي، گورنر سنڌ لاءِ ڪامران ٽيسوري جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي.










