ٽوئيٽر پوپ فرانسس جي اڪائونٽ تان بليو ٽڪ به هٽائي ڇڏيو

ٽوئيٽر پوپ فرانسس جي اڪائونٽ تان بليو ٽڪ به هٽائي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽوئيٽر جي نئين پاليسي تحت اڳ ئي بليو ٽِڪ تصديق ٿيل اڪائونٽن مان بليو ٽِڪس هٽائڻ واري عمل کانپوءِ مقامي ۽ عالمي شخصيتن جي ٽوئٽر اڪائونٽس جي لسٽ ۾ هڪ نئون اضافو ٿيو آهي، جيڪو عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس جو اڪائونٽ آهي.ويٽيڪن سٽي موجب پوپ فرانسس کي سندس اڪائونٽ مان بليو ٽِڪ هٽائڻ کانپوءِ گرين ويريفڪيشن چيڪ مارڪ ڏنو ويو آهي.”پوپ فرانسس ٽوئيٽر تي 53 ملين فالوورز آهن ،“ ويٽيڪن سٽي مان هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي. بيان موجب پوپ فرانسس جي اڪائونٽ کي گري ٽِڪ جي تصديق ڏني وئي آهي پر اميد آهي ته اڪائونٽن جي تصديق ۽ صداقت کي به نظر ۾ رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو