ٽوئيٽر وڌيڪ ملازمن کي فارغ ڪري ڇڏيو

ٽوئيٽر وڌيڪ ملازمن کي فارغ ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ايلون مسڪ جي ڪمپني ٽوئيٽر پنهنجي وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ٽوئيٽر انتظاميا پنهنجي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪرڻ کانپوءِ ڇنڇر تي وڌيڪ 50 ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو.رپورٽن مطابق جن ملازمن کي برطرف ڪيو پيو وڃي اهي ٽوئيٽر جي انجنيئرنگ، ايڊورٽائيزنگ ۽ ٽوئيٽر ايپ ٽيمن جو حصو هئا.ٽوئيٽر کي تازو سالن ۾ اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، صارفين جي تعداد ۾ گهٽتائي ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جهڙوڪ فيس بوڪ، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جي مقابلي سان. ڪمپنيءَ جي آمدنيءَ ۾ به ڪافي گهٽتائي آئي آهي.گذريل سال نومبر ۾ ايلون مسڪ ٽوئيٽ ڪندي خبردار ڪيو هو ته ڪمپني مالي نقصان ۾ وڃي رهي آهي، ٽوئيٽر ديوار ٿي سگهي ٿو. خرچ گھٽائڻ لاءِ ايلون مسڪ ٽوئيٽر جي سان فرانسسڪو آفيس مان 100 کان وڌيڪ نادر شيون نيلام ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو