لنڊن (ويب ڊيسڪ)مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئٽر گذريل هڪ مهيني کان ڪيترن ئي نون فيچرن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي خبرون سامهون آيون آهن ته ويب سائيٽ ’آڊيو اسٽيشن‘ فيچر جي به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ٽوئيٽر پنهنجي ٽوئيٽ ۽ بلاگ پوسٽ ۾ چيو ته هن سڄي دنيا ۾ ٽوئيٽر اسپيس ٽيب کي بهتر بڻائڻ لاءِ فيچر جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت هاڻي اسپيس ٽيب ۾ پوڊ ڪاسٽ به ٻڌي سگهجن ٿا.ٽوئيٽر جو چوڻ آهي ته اسپيس ٽيب تي وڃڻ سان ماڻهو هاڻي خبرون ٻڌي سگهندا جڏهن ته هو اسپيس کي رڪارڊ به ڪري سگهندا.بلاگ پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل فيچر تحت، صارف جيئن ئي اسپيس ٽيب تي ويندا، انهن کي ٽي آپشن نظر ايندا، جن مان هڪ پوڊ ڪاسٽ هوندو جڏهن ته ٻيو ’اسٽيشن‘ ٽيب هوندو.”اسٽيشن“ ٽئب ۾ صارف پنهنجي مرضي مطابق مختلف خبرون، پروگرام ۽ رپورٽون ٻڌي سگهندا.استعمال ڪندڙ مختلف معروف براڊڪاسٽرن کان سياست، موجوده معاملن، راندين ۽ شوبز سميت آڊيو خبرون ۽ فيچرز پڻ ٻڌي سگهندا.اهڙي طرح، صارفين پوڊ ڪاسٽ ٽيب تي وڃڻ سان سڄي دنيا مان سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ۽ ٻڌايل پوڊ ڪاسٽ ٻڌي سگهندا.شروعات ۾، صارف هن فيچر تحت انگريزي ٻوليءَ جا پوڊ ڪاسٽ ۽ آڊيو خبرون ٻڌي سگهندا، پر مستقبل ۾ ٻين ٻولين جا پوڊ ڪاسٽ به دستياب هوندا.اهڙي طرح ٽوئيٽر به اسپيس فيچر کي اپڊيٽ ڪري رهيو آهي جنهن کانپوءِ صارف اسپيس کي رڪارڊ ڪري سگهندا.










