ٽنڊو الهيار (ن س) عثمان شاھه ھڙي ويجھو ٽن شاخن کي گھارا، پاڻي فصلن کي ٻوڙيندي ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو، حديڪي شاخ کي آر ڊي 45 وٽان 40 فوٽ گھارو پئجي ويو پاڻي فصلن کي ٻوڙيندي ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو، جڏهن ته اطلاع باوجود آبپاشي عملو گهاري واري هنڌ نه پهتو، ٻئي پاسي ميل شاخ کي ميل موري اسٽاپ وٽان 50 فوٽ گھارو پئجي ويو، اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عمدار نه پهتا، جڏهن ته سوئيڪندر شاخ کي آر ڊي 68 وٽان 20 فوٽ گھارو لڳو، اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ گهارا بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺاڻن الزام هنيو ته آبپاشي عملدار منڍ جي آبادگارن کان واٽر ڪورس بند ڪرڻ جا پئسا وٺي پاڻي پوڇڙ ۾ ڇڏي ڏنو آهي جنهن ڪري شاخن کي گهارا لڳا، هنن اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي










