ٽن ججز خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو نتيجو ٻُڙي نڪرندو: شيخ رشيد

ٽن ججز خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو نتيجو ٻُڙي نڪرندو: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ٽن ججز خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو نتيجو به زيرو نڪرندو.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي شيخ رشيد چيو ته ٽن ججز خلاف ريفرنس جي معاملي جو بيان راڻا ثناءُالله جهڙو شخص ئي ڏئي سگهي ٿو. انهن ساڳين ججز پي ٽي آءِ خلاف به فيصلا ڏنا هئا. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته من پسند فيصلا ججز کان ورتا وڃن.هن چيو ته حڪومت جو چونڊن کان فرار ٿيڻ عدليه تي دٻاءُ وجهڻ ۽ غريب پاران اٽي لاءِ حياتيون ڏيڻ سڀ خطري جون نشانيون آهن. جڏهن ته عدليه ريڊ لائن آهي.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته 8 آڪٽوبر ته پري جي ڳالهه آهي هي 8 جون جو ڏينهن به نه ڏسندا. 90 ڏينهن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون نگران حڪومتون به ختم ٿي وينديون. ملڪ ۾ مسئلو 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو آهي جيڪو 13 پارٽين جي ٽولي لاءِ سياسي موت ثابت ٿيندو.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت سان واپار ۽ اثاثن تي دٻاءُ جو جواب ڏيڻو پوندو. عدليه يا روڊن تي عوام مان هڪ جو فيصلو مڃڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو