ٽنڊو محمد خان جي مختلف ڳوٺن ۾ ٽن سرڪاري اسڪولن جو افتتاح

ٽنڊو محمد خان جي مختلف ڳوٺن ۾ ٽن سرڪاري اسڪولن جو افتتاح

ٽنڊو محمد خان(ن س) ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺن الله بخش سياء، جمن ڀرياڻي ۽ جمن ٻنڀڻا ۾ واقع ٽن نئين اپ گريڊ ٿيل گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪولن جو اڄ باضابطي طور تي افتتاح ڪيو ويو، جيڪو صوبي ۾ معياري تعليم تائين رسائي وڌائڻ لاءِ حڪومت سنڌ جي ڪوششن ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي. اهي افتتاحي تقريبون ورلڊ بئنڪ جي مالي مدد سان هلندڙ سنڌ ارلي لرننگ اينهانسمينٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن (سليڪٽ) پروجيڪٽ تحت منعقد ٿيون، جيڪو اسڪول ايجوڪيشن ۽ ليٽريسي ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ، ريفارم سپورٽ يونٽ (آر ايس يو) ذريعي عمل ۾ آندو پيو وڃي. افتتاح سيد نويد قمر شاهه، ميمبر قومي اسيمبلي پاڪستان (ايم اين اي) ڪيو، جن شاگردن ۽ مقامي ڪميونٽيز لاءِ انهن اسڪولن جو باضابطي افتتاح ڪيو. انهن تقريبن ۾ مسٽر خرم ڪريم سومرو، ميمبر صوبائي اسيمبلي (ايم پي اي)، ضلعي تعليم کاتي جا آفيسر، ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) ٽنڊو محمد خان مسٽر ڌرمون ڀواني سميت سيد سالار شاهه، مقامي سياسي اڳواڻ، ۽ ٻيا معزز شخصيتون پڻ شريڪ ٿيا، جيڪو هن اقدام لاءِ مقامي سطح تي مضبوط حمايت جو مظهر آهي.محترمه ايرم اسماعيل رند، پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر، سليڪٽ پروگرام، پروگرام مئنيجمينٽ ۽ ايمپليمينٽيشن يونٽ (پي ايم آءِ يو) جي ٻين ميمبرن سان گڏ تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ۽ مهمانن کي اسڪولن ۾ موجود سهولتن، جن ۾ ڪلاس روم، واش روم، حد فاصل ڀت ۽ سليڪٽ پروگرام تحت ڪيل ٻيون بنيادي ڍانچي جون بهتريون شامل آهن، بابت آگاهي ڏني.پنهنجي خطاب ۾ سيد نويد قمر شاهه نئين اسڪولن تي ڪميونٽيز کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو مستقبل ۾ انهن اسڪولن جي هلڻ جي طريقيڪار جي پاڻ نگراني ڪندا، هنن زور ڏنو ته اهي حڪومت سنڌ جي ڪوششن جو نتيجو آهن ۽ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته پنهنجا ٻار اسڪول موڪليون. هنن اهو پڻ چيو ته ضلعي تعليم کاتو پڻ ايترو ئي پابند آهي ته انهن اسڪولن کي سليس نموني هلائي. هنن والدين کان اپيل ڪئي ته اهي پنهنجا ٻار داخل ڪرائين ۽ ايليمينٽري اسڪول جي سهولتن مان مڪمل فائدو وٺن، اسڪولن کي حڪومت سنڌ پاران هڪ تحفو قرار ڏنو ۽ هڪ دفعو ٻيهر ڪميونٽيز کي هن ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.محترمه ايرم اسماعيل رند ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ جاري سليڪٽ مداخلت جو جائزو پيش ڪيو ۽ خطي ۾ تعليمي بنيادي ڍانچي ۽ نتيجن جي بهتري لاءِ ان جي دائري ۽ مقصدن تي روشني وڌي. هنن زور ڏنو ته سليڪٽ پروگرام حڪومت سنڌ پاران، ورلڊ بئنڪ جي مدد سان، هڪ اهم سيڙپڪاري آهي جنهن جو مقصد صوبي جي ٻارن لاءِ هڪ بهتر مستقبل کي يقيني بڻائڻ آهي، خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم تي ڌيان ڏيندي، هنن چيو ته ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ خاندانن کي مضبوط بڻائي ٿو ۽ وڌيڪ مضبوط ڪميونٽيز جي تعمير ڪري ٿو.نون افتتاح ٿيل اسڪولن ۾ هڪ محفوظ ۽ سازگار تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي بهتريون شامل آهن، جن ۾ هوادار ۽ ٻارن جي مطابق ڪلاس روم، صاف ۽ فعال واش روم، محفوظ حد فاصل ڀت، پائيدار توانائي جا حل، ۽ سرسبز ماحول شامل آهن — اهي سڀ هر ٻار لاءِ بهتر برقراري ۽ تعليمي نتيجن حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.عملدارن هن عزم جو اعادو ڪيو ته اهي ڪميونٽيز، استادن ۽ اسٹيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪم ڪندا رهندا ته جيئن هر ٻار، خاص طور تي ڇوڪريون، اڄ ۽ مستقبل ۾ محفوظ اسڪولن ۽ معياري تعليم تائين رسائي حاصل ڪري سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو