خيرپور (سجاد علي ڪٻر) سوڀو ديرو ڀرسان رولو ڪُتن ٽريڪٽر جي ڊرائيور کي کائي ماري ڇڏيو .سوڀوديرو ڀرسان رولو ڇتن ڪتن ٽريڪٽر جي ڊرائيور الهوڌايو پتافي کي کائي ماري ڇڏيو جنهن جو جسم ڇتا ڪتا پٽي کائي ويا ۽ ڊائيور پورهيت جي مُنڍي ڪيلن جي فصل مان هٿ ڪئي وئي آهي اطلاع تي پوليس پهتي ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور الهوڌايو پتافي جي جسم جا عضوا اسپتال منتقل ڪيا. واقعي بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو.










