ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ عمره زائرين جي هوٽل جي بکنگ، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين خرچن جي ادائيگي جا حوالا هنڊي طرفان سامهون اچي ويا آهن.ايف آءِ اي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ ڳجهي اطلاع تي ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪراچي ٽريول ايجنسي جي آفيس تي ڇاپو هنيو ۽ گرومندر وٽان ريفرنس هينڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار عبدالجبار کي گرفتار ڪري ورتو.ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار ٽريول ايجنسي جي آڙ ۾ غير قانوني ڪرنسي مٽائڻ ۽ ريفرل هينڊيءَ ۾ ملوث معلوم ٿيو آهي.ترجمان موجب ڇاپي دوران جوابدار وٽان 6380 هزار پاڪستاني رپيه، 6355 آمريڪي ڊالر ۽ 176250 عراقي دينار هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته جوابدار جي موبائيل فون مان سعودي عرب فنڊ منتقل ڪرڻ جا پيغام پڻ مليا. ترجمان چيو ته جوابدار هٿ آيل ڪرنسي بابت اختيارين کي مطمئن نه ڪري سگهيا، ريفرنس هينڊيءَ سان قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.ترجمان موجب جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










