سڪرنڊ (ن سنڌيار)چوٿون ميل اسٽاپ تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر . موٽرسائيڪل سوار 22 ساله آصف انڙ جيڪو ڳوٺ احسان انڙ جو رهواسي آهي ، ٿڏي تي فوت ٿي ويو آهي . فوتيء جو لاش فري همدرد ايمولينس ذريعي سڪرنڊ تعلقه اسپتال پهچايو ويو ، جتي ضروري ميڊيڪل ڪارروائيء کانپوء لاش وارثن حوالي ڪيو ويو . فوتيء جو مڙه ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ نوجوان جي وفات تي هر اک آلي هئي










