اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشکور جي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.حاجي قدرت الله خلاف ٿاڻي سيڪريٽريٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ مدعي جو چوڻ هو ته مولانا منهنجي گهر مان پارليامينٽ لاجز لاءِ 8 لڳي 22 منٽن تي روانو ٿيو، رات 10 وڳي سرڪاري ڊرائيور حادثي جي اطلاع منهنجي ڪڪ کي ڏني.ڪيس جي متن موجب مفتي عبدالشڪور پنهنجي سرڪاري گاڏي هلائي رهيو هو.ڊبل ڪيبن عبدالشڪور جي گاڏي کي لاپرواهي ۽ تيز رفتاري سان ٽڪر هنيو.متن ۾ اهو به لکيل آهي ته مفتي عبدالشڪور موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.










