نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي اڄ خميس تي واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات متوقع آهي. پاڪستاني يا آمريڪي سفارتڪار اڃا تائين ملاقات جي تصديق يا ترديد نه پيا ڪن، پر پاڪستاني سفارتي عملو نيويارڪ مان واشنگٽن پهچي ويو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جر ترجمان چيو ته صدر ٽرمپ جي ملاقاتن جو شيڊول اچڻ بعد خبر پوندي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر ٽرمپ سان مسلمان اڳواڻن جي ملاقات جو گڏيل بيان جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ زور ڏنو ويو آهي ته غزا ۾ فوري جنگبندي ڪريو، انساني امداد بحال ڪريو ۽ فلسطينين جي جبري بيدخلي بند ڪريو۽ يرغمالي آزاد ٿيڻ گهرجن. غزا بابت جاري مسلمان جي ملڪن جي ملاقات بعد گڏيل بيان ۾ زور ڏنو ويو آهي ته ايندڙ قدم عملدرآمد آهي، جيڪو فوري طور تي ٿيڻ گهرجي. نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ سڀني معاملن تي بحث ڪندو، وزيراعظم چيو ته معرڪه حق پاڪستان لاءِ هڪ وڏي فتح آهي، اسان جي فوجن هندستان کي شڪست ڏني. فيلڊ مارشل عاصم منير دنيا کي ڏيکاريو ته جنگيون ڪيئن وڙهيون وينديون آهن، شهباز شريف چيو ته هو بنگلاديش سان واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو.










