ٽرمپ جي فون تي پيوٽن سان ڳالهه ٻولهه، ملاقات تي اتفاق

ٽرمپ جي فون تي پيوٽن سان ڳالهه ٻولهه، ملاقات تي اتفاق

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان هنگري ۾ ملاقات ڪندو، اها پيشرفت ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه کان پوءِ سامهون آئي، جنهن کي ٻنهي طرفان ”مثبت ۽ نتيجه خيز“ قرار ڏنو ويو. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جي رپورٽ موجب، ڊونلڊ ٽرمپ ولاديمير پيوٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ٽروٿ سوشل تي هڪ پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته پيوٽن سان ڪال ”سٺي ۽ نتيجه خيز“ هئي. ٽرمپ ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سطح جا صلاحڪار ايندڙ هفتي ملاقات ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ مان هڪ طئي ٿيل هنڌ (بڊاپيسٽ، هنگري)۾ ملاقات ڪنداسين، جيئن ڏسون ته ڇا اسان روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري هن ”بي وقار“ جنگ جو خاتمو آڻي سگهون ٿا. ٽرمپ موجب، ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي صلاحڪارن جي ملاقات جي اڳواڻي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ڪندو، پر ملاقات جي صحيح جڳهه جو اعلان اڃا تائين نه ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو پيوٽن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جو تفصيل سڀاڻي وائٽ هائوس ۾ يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلينسڪي سان ملاقات دوران بيان ڪندو. ٽرمپ پنهنجي پوسٽ جي پڄاڻي ۾ چيو ته مون کي يقين آهي ته اڄ جي ٽيليفونيڪ ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو