ٽرمپ جي حامين جو پارليامينٽ تي حملو 4 مارجي ويا

ٽرمپ جي حامين جو پارليامينٽ تي حملو 4 مارجي ويا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) صدر ٽرمپ جي حامي مظاهرين ڪيپٽل بل(پارليامينت جي عمارت) تي ان وقت حملو ڪيو جڏهن اتي ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس جاري هو،. اجلاس جو مقصد جوبائيڊن جي صدارتي چونڊ ۾ سوڀ جي باقاعده تصديق ڪرڻ هو.پوليس موجب حملي دوران 4 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽڪ نيشنل ڪميٽي هيڊ ڪوارٽرز مان 2 بم به هٿ ڪيا ويا آهن جن کي ناڪاره بنايو ويو آهي. ڪجهه ماڻهن کي هٿيارن سميت ڏٺو ويو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ان ماڻهن جي سڃاڻپ ناهي ڪئي وئي.ماڻهن کي هيٺ ويهڻ جو به چيو ويو. منظر عام تي ايندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽرمپ جا حامي مظاهرين عمارت جي درين ۽ شيشن کي ڀڃي عمارت جي اندر داخل ٿيا. مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو ۽ ان کان علاوه آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ 12 ڪلاڪ لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب ڪرفيو مقامي وقت موجب شام 6 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين لاڳو رهندي. آمريڪي اختيارين مظاهرين کي 6 وڳي کان اڳ واشنگٽن ڊي سي مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ احتجاج جو دفاع ڪندي چيو ته اهڙا واقعا تڏهن ٿيندا آهن جن عوام کي چونڊن ۾ ان جي فتح کان پري رکيو وڃي. ڪافي وقت کان محب وطن آمريڪين جا حق ختم ڪيا پيا وڃن.هن ٽوئٽ ڪيو ته مظاهرين پرامن طريقي سان گهر وڃن ۽ هن ڏينهن کي ياد رکن. آمريڪي صدر طرفان ان قسم جي ٽوئيٽ اچڻ کان پوءِ ٽوئٽر تي ٽرمپ جي ٽوئٽ کي هٽايو ويو ۽ فيس بڪ به ٽرمپ جو اڪائونٽ 24 ڪلاڪ جي لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. فيس بڪ انتظاميه جو چوڻ آهي ته ٽرمپ طرفان 2 ڀيرا فيس بڪ پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو