اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججز جي درخواست سپريم ڪورٽ واپس اماڻڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق جهانگيري، جسٽس اعجاز اسحاق خان ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته انهن جي انٽرا ڪورٽ اپيل کي آئيني عدالت ۾ منتقل ڪرڻ آئيني طور تي سپريم ڪورٽ جي اختيار جي دائري ۾ اچي ٿو. وفاقي آئيني عدالت درخواست رد ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي اپيل عدم پيروي جي بنياد تي رد ڪئي وڃي ٿي. ياد رهي ته اهو ڪيس ٻين هاءِ ورٽس جي 3 ججز جي وفاقي راڄڌاني ۾ بدلي بابت هو، جون ۾ سپريم ڪورٽ بدلي کي غيرآئيني قرار نه ڏنو هو، جنهن جي خلاف اسلام آباد جي پنج ججز انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي.آئيني عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ججز ۽ ٻيون انٽرا ڪورٽ اپيلون رد ڪري سپريم ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو. سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ آرٽيڪل 200 جي تحت ججز جي بدلي اڪثريت راءِ سان صحيح قرار ڏنو هو. اهڙي طرح لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۽ باني تحريڪ انصاف جون ٻيون اپيلون طاهر فراز عباسي، ڪراچي بار ايسوسيئيشن رياست علي آزاد ۽ شعيب شاهين جون انٽرا ڪورٽ اپيلون به عدم پيروي جي بنياد تي رد ڪيون ويون آهن.وفاقي آئيني عدالت باني تحريڪ انصاف سان ملاقات يا هدايتون حاصل ڪرڻ جي استدعا به رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس امين الدين خان واضح ڪيو ته عدالت اهڙا آرڊر جاري نٿي ڪري سگهي، ملاقات جي لاءِ به رجوع اتي ڪريو جتان کان سزا ملي.










